سُر ڪيڏارو ۶:۳
【۳】
ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِيا، راوَتَ ڪِينَ رَھَنِّ؛
(جنگ جا شايق، سوره ۽ پھلوان، جنگ ۾ سر جي بازي لڳائڻ کان نہ ٿا رهن.)
سائُنِ سِرَ فِدا ڪَيا، اَڳِيان اِمامَنِّ؛
(پھلوانن، امامن اڳيان پنھنجا سر قربان ڪيا.)
”يُجَاھِدُونَ فِى سَبِيۡل اللّهِ“، ڪَمُّ اِهو ئِي ڪَنِّ؛
( ”الله جي واٽ ۾ وڙهن ٿا.“ هو اهو ئي ڪم ٿا ڪن.)
حُورُون ھارَ ٻڌَنِّ، سِھرا شَھِيدَنِ کي.
(جنت جون حورون، شھيدن کي هار ٿيون وجهن ۽ موڙ ٿيون ٻڌن.)
0 Comments