سُر سهڻي ل1:1
وَهَ تِکَ، واهُڙَ تِکَ، جِت نِينهُن، تِکَ نرالِي؛
درياهه جي وهڪ ۾ تک آهي ۽ نهرن ۾
به تک آهي، پر جت عشق آهي تت تک ئي
نرالي آهي
جِن کي عِشقُ عَمِيَقَ جو، خِلوَتَ خِيالِي؛
جن کي اونهي {وحدت} جو عشق آهي
سي هيڪلائيءَ ۽ حقيقي خيال ۾ محو
آهن
وارِئين سا، والِي! هِنَئڙو جِن هَٿِ ڪيو.
اي سائين! شل تون انهن کي واپس
آڻين، جن منهنجو هنئون پاڻ وٽ قابو
ڪيو آهي
شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه
0 Comments